اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر جو گوجرانوالا جلسو فلاپ شو هو، اهي ماڻهو ذاتي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آه?? ان جي لاءِ عوام ذاتي مفادن جي تحفظ لاءِ ٺاهيل هڪ ٽولي کي سپورٽ نه ڪندي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي سمجهندي هئي ته اقتدار انهن جو پيدائشي حق آهي ۽ اهي سدائين واريون وٺندا رهندا پر وزيراعظم عمران خان اچي انهن کي اقتدار کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي، ان لاءِ ها??ي هٿ پير هڻي رهيون آهن، نواز شريف گذريل 40 سالن کا?? انهي نظ??م جو حصو رهيو آهي، ها??ي ڪٿا?? انقلابي اچي ويو، نواز شريف ۾ جيڪڏهن جرئت آهي ته وطن واپس اچي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن توهان ذاتي ايجنڊا کڻي هلندا ته قوم پٺيان نه ايندي، وزيراعظم عمران خان قومي ايجنڊا تي هلي رهيو آهي ان لاءِ پوري قوم ان سان گڏ بيٺل آهي.