اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ??هي ته واپار جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي خ??م ڪرڻ ۽ واپارين کي سهولتون فراهم ڪرڻ سان پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپاري ماپي ۾ اضافو ٿيندو جيڪو ملڪ جي بهترين معاشي مفاد ۾ ??هي?? خاص طور تي سرحدن ۽ ان جي ڀرپاس?? جي علائقن ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني سان انهن علائقن جي عوام جي لاءِ روزگار جي موقعن ۾ به اضافو ٿيندو. سرحد جي ٻنهي طرفن کان نان ٽيرف رڪاوٽن ۾ گهٽتائي سان گڏيل واپار ۾ اضافو ٿيندو، پاڪستان برآمدات جيڪا ڪورونا وائرس وبائي مرض جي ڪري متاثر ٿي هئي ان جي بحال?? جي لاءِ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪ افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽ?? جي ٻي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.