اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پا??ستان جو نئون سياسي نقشو پهريون قدم آهي، اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، نئون سياسي نقشو قوم جي جذبن جي ترجماني ڪري ٿو، اسان چاهيون ٿا ته ڪشميرين کي جلد انهن جي منزل ملي، ڪشمي?? جو مسئلو دنيا جي هر فورم تي اٿارينداس??ن، منزل تائين پهچڻ کان اڳ ان جو تصور ذهن ۾ آڻڻ لازمي هوندو آهي. پا??ستان جو نئون سياسي نقشو جاري ڪرڻ جي قوم کي مبارڪباد ڏيندي هن چيو ته اهو نقشو پهريون قدم آهي، ڀارت 5 آگسٽ جو جيڪو قدم کنيو هيءَ نقشو ان جي ن??ي آهي، والاريل ڪشمير جا ماڻهو پا??ستان جو حصو بڻجڻ چاهين ٿا، مون کي يقين آهي ته اهي پنهنجي منزل تائين ضرور پهچندا. هن چيو ته وفاقي ڪابينا سياسي نقشي جي باقاعده منظوري ڏني، ڪشمير مئسلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۾ آهي. عمران خان چيو ته اسان سياسي جدوجهد ڪنداس??ن، فوجي جدوجهد کي نه ٿا مـڃون، ڪشمي?? جو مسئلو دنيا جي هر فورم تي اٿارينداس??ن، جيستائين زندهه آهيان پا??ستاني قوم ڪشمير جي لاءِ جدوجهد ڪندي. هن چيو ته نقشي ۾ لائن آف ڪنٽرول کي واضح ??ور تي ظاهر ڪيو ويو آهي، ڪشمير پا??ستان جو حصوبڻجندو هي نقشو پهريون قدم آهي، اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، پا??ستان جي سمورن سياستدانن نئين نقشي جي تائيد ڪئي.