مظفر آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان جي ميزباني ۾ آزاد ڪشمير جي سمورين پا??لياماني پا??ٽين جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قو??ي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف خصوصي شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن پا??ان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪئي وئي. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر چيو ته 35 اي جو خاتمو ۽ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جون ڪوششون عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي، هڪ سال ٿي ويو آهي والاريل ڪشمير مڪمل فوجي گهيراءُ ۾ آهي عو??م قيدين وانگر زندگي گذاري رهي آهي، پاڪستان حڪومت ڀارتي قدمن کي سڄي دنيا ۾ بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ جارحاڻي سفارتي مهم هلائي، پاڪستان ۾ هڪ قومي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، آزاد ڪشمير ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ سڄي دنيا ۾ هڪ ٿي ڀارت جي خلاف پرامن سياسي تحريڪ هلائيندا، مودي جي انتهاپسنداڻي سوچ ڀارت کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير جي معاملي تي آزاد ڪشمير جي سمورين سياسي پا??ٽين سمورن ادارن ۾ ڪشمير جي معاملي تي مڪمل هم آهنگي آهي، پاڪستان جي عو??م ۽ حڪومت ڪشميرين جي جدوجهد جي آزادي ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون، 5 آگسٽ تي پرڏيهي وزارت ۾ ملڪ جي سمورين سياسي پا??ٽين جو خصوصي اجلاس ٿيندو. رياستي پا??ٽين جو پاڪستاني قوم ۽ حڪومت پا??ان 5 آگسٽ کي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ تي رياستي قيادت پا??ان ٿورا مڃيا ويا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪشميري قيادت کي ڪشمير پاليسي ۽ عال??ي سطح تي کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.