اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ??اڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته مالي سال 21 – 2020ع جي ??اءِ وفاقي بجيٽ ۾ مشڪل حالتن جي باوجود ڪو نئون ٽيڪس ناهي لڳايو ويو، قرض وٺڻ جو ڪو شوق نه آهي، ماضي جي حڪومتن جي ??رضن ۽ وياج جي ادائگي لاءِ نوان قرض ورتا پيا وڃن، نئين مالي سال ۾ 1600 کان وڌيڪ شين تي ڊيوٽي کي ختم ڪيو ويو، ڪاروباري لاڳت کي گه?? ڪرڻ جي ??اءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، نئين مالي سال ۾ 200 ٽيرف لائينز تي ڊيوٽي کي گهٽ ڪيو پيو وڃي، 166 ٽيرف لائينز تي ريگيوليٽري ڊيوٽي گهٽ ڪئي وئي آهي، امپورٽ تي ود هولڊنگ ٽيڪس کي گهٽ ڪيو پيو وڃي، سيمنٽ تي ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ 25 رپيا گهٽتائي ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، تعميرات جي شعبي لاءِ ٽيڪسن کي اڌ ڪيو ويو آهي، پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي شرح بدستور 30 رپيا في ليٽر آهي ان ۾ ڪا تبديلي نه ڪئي وئي آهي، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي ??چ ۾ بهتر لاڳاپا آهن. صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جي ??اپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ايف بي آر جي چيئرپرسن ڊاڪٽر نوشين جاويد امجد، ناڻي واري سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ ۽ ايف بي آر جي ??ينڊ روينيو ميمبر ڊاڪٽر حامد عتيق سرور سان گڏ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته موجوده حڪومت کي شروعات ۾ ئي ماضي جي حڪومتن پاران ورتل 30 هزار ارب رپين جي ??رضن کي منهن ڏيڻو پيو هو، موجوده حڪومت پهرين سال ۾ 5 هزار ارب رپين جو ٻاهريون قرض ادا ڪيو، جاري مالي سال ۾ 2700 ارب رپين جي ??اهرئين قرضن جي ادائگي ڪئي وئي، حڪومت جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندي انهن معاملن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان جو ڪل ريسورس بجيٽ 2000 هزار ارب رپيا هجي ۽ اسان قرضن ۽ وياج جي ادائگي ۾ 2700 ارب واپس ڪري رهيا آهيون ته ان جو مطلب آهي ته اها حڪومت جي ??ڏي ڪاميابي آهي.