اسلام آباد – 06 مئي (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان سان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي زيدي ۽ حبيب بئ??ڪ جي چيئرمين سلطان ع??ي الانا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حبيب بئ??ڪ جي چيئرمين سلطان ع??ي الانا وزيراعظم کي ڪورونا وائرس جي صورتحال جي ڏس ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ موجوده حڪومت پاران ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو معاشي پئڪيج ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪ??و. ??لطان ع??ي الانا احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام انتهائي شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي هلائڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام کي مستحقين تائين پهچائڻ ۾ حبيب بئ??ڪ جي خدمتن ۽ معاونت کي ساراه??و. ??امونڊي معاملن واري وزير وزارت جي معاملن خاص طور تي ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ان دوران بندرگاهن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن جي حوالي سان مختلف قدمن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني.