اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آه?? ته وزيراعظم عمران خان ايگزيڪيٽو اختيار هُجڻ باوجود ٻه اهم قومي معاملا پارليامينٽ کي موڪلي ڇڏيا آه??، قومي سلامتي سميت سمورن اهم رياستي ادارن جو تحفظ اسان جي ذميداري آه??، حڪومت سان گڏوگڏ مخالف ڌر به قومي سلامتي جي ايتري ئي ضامن آه??، اميد آه?? ته پارليامينٽ اتفاق راءِ سان آئيني مسئلي جو مستقل حل ڪري ڇڏيندي، پاڙيسري ملڪ ۾ آرمي چيف جي توسيع لاءِ صرف دفاع واري وز??ر پنهنجا اختيار استعمال ڪيا آه?? اتي ان معاملي تي ڪو به مسئلو پيدا نه ٿيو، هو براق هاءِ ٽيڪ سروسز جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته قومي سلامتي جي ادارن جي حوالي سان اسان سڀني جو ڪردار ذميداراڻو هجڻ گهرجي، قومي سلامتي، استحڪام، وقار ۽ تشخص جو تحفظ اولين ترجيح ۽ ذميداري آه??، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجا ايگزيڪيٽو اختيار هجڻ جي باوجود ٻن اهم قومي معاملن جي حل لاءِ پارليامينٽ سان رجوع ڪيو آه??.