ڪراچي – 23 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عم?? چيو آهي ته سي ??يڪ جي قرضن جي حوالي سان آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير ايلس ويلز جي بيان ته سي ??يڪ قرضن جي ڪري پاڪستان جي ترقي محدود ??ي ويندي، حقيقت جي منافي آهي، هن وقت پرڏيهي قرض 74 ارب ڊالر آهي جڏهن ته چين جو قرض 18 ارب ڊالر آهي، چين جو مجموعي قرض پرڏيهي قرضن جي هڪ ڀاڱي ٽي کان به گهٽ آهن، چين کان ورتل قرض نه فقط وياج جي گهٽ شرح تي آهي پر ڊگهي مدي وارو به آهي، سي ??يڪ جو قرض مجموعي قرض جو 7 سيڪڙو آهي، سي ??يڪ تحت ملڪ ۾ 9 اسپيشل اڪنامڪ زون ٺهندا، جنهن سان لکين ماڻهن کي روزگار ملندو، وزيراعظم عم??ان خان جي وڏي ڪاميابي اها آهي ته هن پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان جي مفادن کي مٿانهون رکيو آهي، چين سان دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي ۽ سي ??يڪ کي وڌيڪ اڳتي وٺي هلڻو آهي، آمريڪا سوڌو دنيا جو ڪو به ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو ته اسين ان جي آجيان ڪنداسين. انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ?? آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير ايلس ويلز پاران سي ??يڪ بابت بيان تي ردعمل ڏيندي ڪيو.