اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊ??ڪٽ?? فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته چيف جسٽس اسلام آباد ??اءِ ڪورٽ جي هدايتن تي ضلعي ڪچهري اسلام آباد ۾ بنيادي سهولتن جو جائزو ورتو ??هي?? عدالتن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ ??هي?? ان مشڪل حالتن ۾ ججن جي فرضن جي ادائيگي ۽ وڪيلن جو حوصلو قابل تحسين ??هي?? دنيا ۾ ڪرپشن جي خلاف ڌرڻا ۽ مارچ ٿيندا رهندا آهن، اسان وٽ سياسي فنڪار ڪرپشن جي تحفظ لاءِ مارچ ڪري رهيا آهن، حڪومت جمهوريت دوست جو ڪردار ادا ڪري ڇڏيو ??هي?? هاڻي مخالف ڌر جي ڪرپشن زده چهرن جي ايجنڊا ڏسڻي ??هي?? مارچ جي جمهوري حق کي عوامي مشڪلاتن ۾ اضافي لاءِ استعمال کان پاسو ڪيو وڃي، حڪومت معاهدي موجب مارچ جي راهه ۾ ڪا به رڪاوٽ نه وڌي، پسند واري جاءِ فراهم ڪئي، جڏهن ته پاڻي، بجلي سميت سموريون سهولتون به فراهم ڪيون، هو ضلعي عدالتن جي دوري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي.