اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) پارليامنٽ هائوس جي گڏيل اجلاس ۾ صدارتي اليڪشن لاءِ پولنگ شروع ٿيڻ کان اڳ پريذائيڊنگ آفيسر جسٽس عامر فاروق ميمبرن کي پولنگ جي طريقيڪار ۽ بيلٽ پيپر ج?? استعم??ل جي حوالي سان هدايتن جاري ڪيون. پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدارتي اليڪشن لاءِ پولنگ جي شروعات کان اڳ پريذائيڊنگ آفيسر ميمبرن کي ٻڌايو ته بيلٽ پيپر تي لاڳاپيل اميدوار ج?? نالي آڏو ڪراس جو نشان لڳائڻو پوندو، اهو نشان لاڳاپيل اميدوار ج?? نالي آڏو ٺهيل خاني جي اندر هجڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنهن ميمبر ج?? بيلٽ پيپر ڪنهن سبب ڪري خر??ب ٿي وڃي ته ??و پهريون بيلٽ پيپر واپس جمع ڪرائي ٻيو وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته ??ولنگ بوٿ ۾ موجود پينسل کان علاوه ٻيو قلم نشان لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي.