جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ٻوڏ کان متاثر لکين پاڪستانين ۽ متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ پاڪستان کي عالمي برادري، دوست ملڪن، گهڻ رخي ۽ ٻطرفي حصيدارن کي معاونت جي ??رورت آهي، پاڪستان پنهنجي ??المي ادائيگين ۽ ذميوارين ۾ پرعزم آهي، پاڪستان مخ??لف شعبن ۾ سڌارا متعارف ڪرائي رهيو آهي، بدترين ٻوڏ پاڪستان جي ??رورتن کي وڌائي ڇڏيو آهي جڏهن ته اسان وٽ مالي گنجائش گهٽ آهي، پاڪستان کي مخ??صر ۽ وچولي مدي جي لاءِ مالي معاونت ۽ گنجائش گهربل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناڻي واري وفاقي وزير سوئٽزرلينڊ جي ??هر جنيوا ۾ انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان جي پهرين پلينري سيشن جي گڏيل صدارت ڪندي ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ماحولياتي ۽ موسمياتي اثرن، روس – يوڪرين جنگ، عالمي ٻاڙائي ۽ غربت جهڙن مسئلن کي اڳ ۾ ئي منهن ڏئي رهيو هو، انهن حالتن جي ڏس ۾ ملڪ کي تاريخ جي ??دترين ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، گذريل 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو گذريل چوماسي ۾ ڇهوڻ کان وڌيڪ برساتون ٿيون جنهن سان سڄي ملڪ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ شديد تباهي ۽ نقصان ٿيو، ٻوڏ سان مجموعي طور تي 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا، 1700 ماڻهو فوت ٿيا، 13 هزار زخمي ٿيا، 30 هزار ڪلوميٽر رستا تباهه ٿيا، 440 پليون تباهه ٿيون، 500 ملين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا، 2 ملين جي لڳ ڀڳ گهر عارضي يا جزوي طور تي متاثر ٿيا جڏهن ته 10 لک چوپايو مال مري ويو يا گم ٿي ويو. ناڻي واري وزير چيو ته ٻوڏ کانپوءِ مهينن تائين پاڻي بيٺل رهيو جنهن سان فصل وقت سر پوکجي نه سگهيا ۽ اسان جي ??راعت متاثر ٿي، بيٺل پاڻي جي ڪري اسڪول ۽ اسپتال بند رهيا، مقامي طور تي به رابطو مشڪل رهيو، عارضي پناهگاهن ۾ ماڻهن کي ترسايو ويو جڏهن ته اسپتالن جو ڪم به عارضي طور تي هلائڻو پيو، ٻوڏ سان 22 هزار اسڪول بند ٿيا جنهن سان لکين ٻارن جي ??عليم متاثر ٿي. اسحاق ڊار چيو ته ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي ??مداد ۽ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ اسان کي ٺوس ڪوششن جي ??رورت آهي، پاڪستان حڪومت متاثر ماڻهن ۽ علائقن جي ??مداد ۽ بحالي کي اولين ترجيح ڏني، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت فوري طور تي 70 ارب رپين جي هنگامي ڪيش مدد فراهم ڪئي وئي، 8.17 ملين متاثرين کي روڪ امداد ڏني وئي، 2.7 ملين خاندانن کي ڪيش ريليف ۽ ٻي ضروري امداد ڏني وئي آهي ۽ ڏني پئي وڃي. ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ جا ٿورا مڃيندي چيو ته عالمي بئنڪ ٻوڏ متاثرين جي ??حالي ۽ نئين سر تعمير جي ??لسلي ۾ 1.6 ارب ڊالر جي مدد جو اعلان ڪيو جڏهن ته 500 ملين ڊالر جي مدد ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان جي لاءِ فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو. ناڻي واري وزير چيو ته پي ڊي ايم اي عالمي ادارن جي ??عاون سان جيڪو ڪاٿو لڳايو آهي ان موجب ٻوڏ سان 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي جڏهن ته نئين سر تعيمر ۽ بحالي جي لاءِ پاڪستان کي 16.3 ارب ڊالر جي ??رورت آهي، پاڪستان ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيدارين جي ??ريعي ايندڙ ٽن سالن جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي، ان مان اڌ وسيلا پاڪستان پنهنجي مالياتي نظام جي ??ريعي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، ايندڙ ٽن سالن ۾ اسان کي 8 ارب ڊالر ساليانو جي ??رورت پوندي، دوست ملڪ گهڻ رخي ۽ ٻطرفي حصيدارن جي ??مايت سان نه رڳو نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن کي فائدو ٿيندو پر پاڪستان جي لاءِ ايتري مالي گنجائش به نڪري ايندي جنهن سان پاڪستان پنهنجي ٻاهرئين ادائيگين ۽ ٻين عالمي ذميوارين کي بهتر طريقي سان پورو ڪرڻ جي قابل ٿيندو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ پاڪستان تي خراب اثر پيا آهن، ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي ??خراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر گذريل ٻوڏ وانگر ماحولياتي تبديلين کان متاثر ملڪن ۾ پاڪستان سرفهرست آهي، ان صورتحال ۽ توانائي کاڌي پيتي جي ??ين جي ??المي قيمتن ۾ اضافي جي ڏس ۾ سماجي ??ستحڪام پاڪستان جي لاءِ هڪ ڳڻتي رکندڙ آهي. ناڻي واري وزير واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي ??المي ادائيگين ۽ ذميوارين ۾ پرعزم آهي، پاڪستان مخ??لف شعبن ۾ سڌارا متعارف ڪرائي رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ اوڳاڙين ۾ اضافي ۽ سماجي ??عبي تي خرچن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته تازي بدترين ٻوڏ پاڪستان جي ??رورتن کي وڌائي ڇڏيو آهي جڏهن ته اسان وٽ مالي گنجائش گهٽ آهي، ان صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستان کي عالمي مدد جي ??رورت آهي، اسان کي مخ??صر ۽ وچولي مدي جي لاءِ مالي معاونت ۽ گنجائش گهربل آهي، ا??ان کي اميد آهي ته عالمي برادري، دوست ملڪ ۽ ٻطرفا ۽ گهڻ رخا حصيدار ان مشڪل مرحلي ۾ اسان جو ساٿ ڏيندا. ناڻي واري وزير چيو ته ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي ??حالي ۽ امداد اسان جي فوري ضرورت آهي جڏهن ته اسان کي انهن 33 ملين متاثر ماڻهن کي به نظر ۾ رکڻو آهي، ان صورتحال ۾ ڊيٽ سواپ ۽ ٻين مالياتي قدمن جي ??ريعي لکين ٻوڏ متاثرين جي ??مداد جي نيڪ مقصد کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري سان گڏ بيٺل آهي، ا??ان کي بحرانن جي ڏينهن ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجي. ناڻي واري وزير عالمي برادري جي ??مايت تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته ريزيليئنٽ ريڪوري اسٽريٽجڪ ۾ ٻطرفن حصيدارن، دوست ملڪن، اين جي ??وز ۽ سول سوسائٽي جي ??نظيمن جي ??مايت تي پڻ پاڪستان انهن سڀني جو ٿورائتو آهي. منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پلينري سيشن کي خطاب ڪندي شرڪت ڪندڙن کي تازي بدترين ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته 2022ع ۾ پاڪستان ۾ هڪ بدترين ٻوڏ آئي جنهن سان 33 ملين ماڻهن کي نقصان پهتو. هن چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ جي 20 پٺتي پيل ضلعن کي نقصان پهتو، ان سان گڏ پنجاب، خيبرپختونخواهه جي ڪجهه ضلعن کي به نقصان ٿيو. هن چيو ته بنيادي ڍانچي جي ??حالي لاءِ پاڪستان حڪومت کي 16 ارب ڊالر جي هنگامي بنيادن تي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ??ولين ترجيح ماڻهن جي ??وزاني جي ??رورتن کي ٻيهر شروع ڪرڻ آهي، ٻارن ۽ عورتن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ٻوڏ متاثرين کي امداد پهچائي پئي وڃي. ان کان اڳ گڏيل قومن جي ??رقياتي اداري يو اين ڊي پي جي ??يڊمنسٽريٽر ايڪم اسٽينر پنهنجي ??طاب چيو ته ڪورونا کانپوءِ ٻوڏ سان پاڪستان کي معاشي طور تي ڌچڪو لڳو جنهن سان لکين زندگيون متاثر ٿيون. هن ڪانفرنس ۾ شريڪ سمورن شرڪت ڪندڙن کي چيو ته هو هر لحاظ کان پاڪستان کي مدد فراهم ڪن، ا??ان هن وقت مخ??لف دور ۾ زندهه آهيون. هن چيو ته ڪجهه مهينا اڳ پاڪستان کي تاريخ جي ??دترين ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، پاڪستان موسمياتي تبديلي جي لپيٽ ۾ ايندڙ 8 ملڪن ۾ شامل آهي.