نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ربا??ي کر سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي سياسي معاملن جي انڊر سيڪريٽري وڪٽوريا نولينڊ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مملڪتي وزير حنا ربا??ي کر 55 ملين ڊالر جي امداد ذريعي پا??ستان جي ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار تي آمريڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آمريڪي ڪانگريس جي وفدن ۽ آمريڪي عملدارن جي پا??ستان جي تازي دوري ٻوڏ متاثرين ۽ پا??ستاني عوام جي لاءِ آمريڪي همدرديءَ جي عڪاسي ڪن ٿا. هن انڊر سيڪريٽري کي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان آگاهه ڪيو، جنهن سان 33 ملين ماڻهو سڌوسنئون متاثر ٿيا آهن. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته جڏهن ته پا??ستان زهريلي گئسن جي عالمي اخراج جو هڪ سيڪڙو به گهٽ جو ذميوار آهي پر ان کي موسمياتي بحران درپيش آهي. هن حڪومت جي امدادي ڪوششن جو ??ڪر ڪندي چيو ته نئين سر تع??ير ۽ بحالي جي لاءِ عالمي برادري پاران ڊگهي مدي واري امداد جي ضرورت پوندي. حنا ربا??ي کر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پا??ستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل واپار ۽ سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن. مملڪتي وزير ڀارت ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جو ??ڪر ڪندي علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار جي حل جي مرڪزيت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڪشميرين تي وحشياڻو ظلم ڪري رهيو آهي. آمريڪي انڊر سيڪريٽري وڪٽوريا نولينڊ پا??ستان ۾ شديد ٻوڏ سبب قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته آمريڪا نئين سر تع??ير ۽ بحالي جي عمل ۾ پا??ستان جي مدد ڪندو. هن ان ڳالهه کي به ورجايو ته آمريڪا موسمياتي تبديلي، صحت، توانائي، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ پا??ستان سان ڳالهه ٻولهه کي سگهه ڏيندو. مملڪتي وزير علائقائي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ افغانستان ۽ ان کان ٻاهر امن، ترقي ۽ استحڪام جي ضرورت تي زور ڏنو.