اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 آگسٽ تي هرنائي بلوچستان ?? شهيد ٿيندڙ پاڪستان آرمي جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب صدر نائيڪ محمد عاطف ۽ سپاهي قيوم جاويد جي پونئيرن سان ڳالهه ??ول??ه ڪئي. صدر فرض سرانجام ڏيڻ دوران جان قربان ڪرڻ تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.