اسلام آباد – 24 – آگسٽ (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم فلڊ ريليف ا??ائ??نٽ 2022ع ۾ عطيو جمع ڪرائڻ جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سمورين ڪمرشل بئنڪن ذريعي عطيو جمع ڪرائڻ جو سرڪيولر جاري ڪري ڇڏيو آهي. اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني عطيو ان ا??ائ??نٽ ۾ جمع ڪرائي سگهندا. ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب موجب برساتن جو 30 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، سڄي ملڪ خاص طور تي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ غيرمعمولي تباهي ٿي. هن چيو ته اچو اسان سڀ مصيبت ۾ گهيريل پنهنجي هم وطنن جي مدد ڪريون. اسان سڀ انهن جو سهارو بڻجون. ??طل??عات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ سمورا پاڪستاني دل کولي عطيه جمع ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي، اهي عطيا ا??ائ??نٽ (پرائيم منسٽر ريليف فنڊ ا??ائ??نٽ 2022ع ا??ائ??نٽ نمبر: G-12164) ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا. عطيي ذريعي سمورا پاڪستاني ٻوڏ متاثرين ??ي مدد جي ڪم ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. هن ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ جي سرڪيولر تحت سموريون ڪمرشل بئنڪُون ۽ انهن جون شاخون وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ 2022ع ۾ عطيو جمع ڪري سگهن ٿيون. ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني وايا ٽرانسفر، مني سروس بيوروز، مني ٽرانسفر آپريٽرز ۽ ايڪسچينج هائوسز جي ذريعي به عطيو موڪلي سگهن ٿا. عطيو سمورين ڪمرشل بئنڪن ۾ روڪ به جمع ڪرائي سگهن ٿا. بئنڪ جي ڊراپ باڪس ۾ ڪراس چيڪ، موبائيل ۽ انٽرنيٽ بئنڪنگ، اي ٽي اي??ز، اي بي اي?? ٽي، راست جي ذريعي به جمع ڪرائي سگهجن ٿا.