اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين عاصم احمد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽرٽ موجب ايف بي آر چيئرمين سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي کي تفتان جي ويجهو پاڪستان ايران بارڊر تي بازاچي جي قيام جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ايف بي آر چيئرمين ٻڌايو ته مقامي واپاري برادري کي سهولت فراهم ڪر?? لاءِ بازارچي جي قيام جو منصوبو شروع ڪيو آهي، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جلد ئي ان بازارچي جو افتتاح ڪندو، سينيٽ چيئرمين ايف بي آر جي پ??را?? کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي، هن چيو ته واپاري سرگرمين جي فروغ لاءِ ۽ مقامي واپارين کي تحفظ فراهم ڪر?? جي خاطر اهڙن منصوبن جو آغاز ڪر?? جي ضرورت آهي، جنهن جو معيشت تي مثبت اثر پوندو. سينيٽ چيئرمين ان حوالي سان پنهنجو ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل م به ايف بي آر پ??را?? اهڙيون ڪوششون جاري رهنديون.