اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نيسلي ??ي هيڊ آف ڪارپوريٽ افيئرز وقار احمد ۽ جنرل مينيجر عبدالله جاويد ملاقات ڪئي جنهن ۾ نيسلي پاڪستان افغانستان ۾ ٻوڏ متاثرين لاءِ وزيراعظم ش??باز شريف جي هدايت تي امدادي شيون پهچائڻ جي قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب نيسلي واٽر پاران حڪومت پاڪستان جي ان بهترين قدم ۾ پنهنجو حصو ملائيندي 60 هزار ليٽر پيئڻ جو پ??ڻي افغانستان ۾ تازي ٻوڏ متاثرين لاءِ عطيو ڪيو ويو، عطيه ٿيل پيئڻ جو صاف پ??ڻي ٻوڏ متاثرين کي موذي بي??ارين کان بچاءُ ۾ مدد فراهم ڪندو. وزيراعظم ش??باز شريف نيسلي پاران ان فلاحي ڪم کي قابل تحسين قرار ڏنو.