اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) قومي ا??يمبلي ۾ وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي ا??تمادي جي رٿ 174 ووٽن سان ڪامياب ٿي وئي آهي. ايوان آئين ۽ قومي ا??يمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت نئين قائد ايوان جي چونڊ ڪندو. ان ڏس ۾ قومي ا??يمبلي سيڪريٽريٽ پاران باقاعده چونڊ شيڊيول جاري ڪيو ويندو، حڪومتي ميمبر اسپيڪر پاران استعيفيٰ جي ا??لان کانپوءِ ايوان مان هليا ويا. ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات 14 ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهندڙ قومي ا??يمبلي ا??لاس ۾ بي ا??تمادي جي قرارداد تي ووٽنگ دوران صدارت پينل آف چيئرپرسن جي ميمبر سردار اياز صادق ڪئي. هن سمورن ميمبرن کي بي ا??تمادي جي قرارداد تي ووٽنگ جي طريقيڪار کان آگاهه ڪيو جنهن کانپوءِ 5 منٽن جي لاءِ گهنٽيون وڄايون ويون. ميمبرن جي ايوان ۾ اچڻ کانپوءِ هال جا داخلي دروازا بند ڪيا ويا ۽ اوپن ڊويزن جي بنياد تي ووٽنگ جو عمل شروع ڪيو ويو ان دوران تاريخ ۽ ڏينهن تبديل ٿيڻ کان هڪ منٽ اڳ پينل آف چيئرپرسن جي ميمبر اياز صادق اجلاس ڪجهه منٽن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ اجلاس جي ڪارروائي جي باقاعده شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت، حديث، نعت رسول مقبول ﷺ ۽ ق??مي تراني سان ڪئي وئي جڏهن ته نئين ايجنڊا ميمبرن ۾ ورهائي وئي. واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف 25 جولاءِ 2018ع ج?? عام چونڊن جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ آئي ۽ عمران خان 18 آگسٽ 2018ع تي وزارت عظميٰ جو حلف کنيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ا??حادي پارٽين ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان، مسلم ليگ (ق)، عوامي مسلم ليگ، جي ڊي اي، بي اي پي ۽ ڪجهه ٻيا آزاد ميمبر شامل هئا. عمران خان 3 سال 7 مهينا 21 ڏينهن تائين وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز رهيو. عمران خان پارلياماني تاريخ جو پهريون وزيراعظم آهي جنهن کي باقاعده آئيني طريقيڪار تحت بي ا??تمادي جي قرارداد جي ذريعي پنهنجي عهدي تان هٽايو ويو. ان کان اڳ 1989ع ۾ بينظير ڀٽو جي خلاف بي ا??تمادي جي رٿ آندي وئي جيڪا ناڪام رهي ان کانپوءِ 2006ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جي خلاف پڻ مخالف ڌر جي بي ا??تمادي رٿ ناڪام رهي. پاڪستان پيپلزپارٽي، پاڪستان مسلم ليگ (ن)، جي يو آءِ (ف)، اي اين پي، جمهوري وطن پارٽي سميت ٻين پارٽين ۽ آزاد مخالف ڌر ميمبرن پاران وزيراعظم عمران خان جي خلاف 8 اپريل تي بي ا??تمادي جي رٿ قومي ا??يمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي وئي جنهن کانپوءِ حڪومت جي ا??حادي پارٽين، بي اي پي، ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ (ق) جي ڪجهه ميمبرن پڻ مخالف ڌر سان تعاون ڪرڻ جو اشارو ظاهر ڪيو اهڙي طرح وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي ا??تمادي جي قرارداد مجموعي طور تي 174 ووٽن سان ڪامياب ٿي وئي. قومي ا??يمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ??ڻ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي، اهڙي طرح نئين اسپيڪر جي ونڊ جي لاءِ پڻ قومي ا??يمبلي سيڪريٽريٽ چونڊ شيڊيول جو اعلان ڪندي ۽ قائد ايوان جي چونڊ کان اڳ نئين اسپيڪر جي چونڊ پڻ ڪئي ويندي. قومي ا??يمبلي سيڪريٽريٽ موجب ڊپٽي ا??پيڪر قاسم خان سوري ??ڻ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي اهڙي طرح اسپيڪر سان گڏ نئين ڊپٽي ا??پيڪر جي پڻ چونڊ آئين ۽ قومي ا??يمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت عمل ۾ آندي ويندي. پي ٽي آءِ جي مبينا منحرف ميمبرن رانا قاسم نون، نور عالم خان، راجا رياض، وجيهه اڪرم، نزهت پٺاڻ، عامر لياقت حسين، ڊاڪٽر افصل ڍانڍلا، رياض مزاري، طلال گوپانگ، باسط بخاري سميت ٻين ميمبرن قرارداد جي حق ۾ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. چوڌري شجاعت حسين جي پت ۽ مسلم ليگ (ق) جي ميمبر چوڌري سالڪ حسين پڻ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو ۽ آخر تائين ايوان ۾ موجود رهيا.