اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته 23 مارچ جو ڏينهن اسان جي تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، قرارداد لاهور ??نڍي کنڊ جي مسلمانن کي عظيم مقصد جي لاءِ متحد ڪيو، قائداعظم محمد علي جناح، علامه اقبال ۽ تحريڪ آزادي جي اڳواڻن جي قربانين سان پاڪستان حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ٿي. پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جو راز جمهوريت ۾ لڪل آهي، جمهوري روايتن سان رواداري، هم آهنگي ۽ برداشت کي هٿي مل??دي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستاني معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي جڏهن ته اسان ان وچن کي ورجائڻو پوندو ته اسان بزرگن جي نقش قدم تي هلندي پاڪستان کي عظيم تر ملڪ بڻ??ئي??داسين. هن چيو ته هلندڙ سال 75 هين سالگرهه جي موقعي تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جو انعقاد مسلمان دنيا ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار جو واضح اظهار آهي. دعا آهي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري.