اسلام آباد– 10 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سپلائي چين لاجسٽڪس جي شعبي ۾ تيزي سان ترقي ٿي ره?? آهي، دنيا ۾ ٿيندڙ ترقي سان پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻو پوندو، اڄ پاڪستان جي ترقي لاءِ بي شمار موقعا موجود آهن، هنرمندي افرادي قوت جي ذريعي اسان ترقي جي موقعن مان بي پناهه فائدا حاصل ڪري سگهون ٿا، دنيا ۾ ڪاروبار جا نوان موقعا وڌي ره??ا آهن، ٽيڪنالاجي جهڙي تيز رفتار سان ترقي ڪري ره?? آهي ان جي ڀيٽ ۾ فيصلا سازي جو عمل سست آهي، وچ اي??يا جا ملڪ گوادر بندرگاهه جي ذريعي پنهنجي سامان جي پهچ چاهين ٿا، مختلف وچ ايشيائي ملڪن جي اها خواهش آهي ته انهن جي مصنوعات برآمد جي لاءِ گوادر پهچي ته جيئن ان کي ٻاهرين ملڪ موڪلي سگهجي، ان مقصد جي لاءِ گوادر ۾ ويئر هائوسز قائم ڪيا ويا آهن، پاڪستان به پنهنجي شين جي برآمدات وڌائڻ چاهي ٿو. اسان تازو ئي ازبڪستان ۽ ترڪي کي واپاري سامان جي ترسيل ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن”پهرين ملٽي موڊل لاجسٽڪس“ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين، معاشي ۽ لاجسٽڪ ماهرن، سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي نمائندن، سفارتڪارن ۽ ٻين نمايان شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ??ڪو??ت ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ موثر قدم کڻي ره?? آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ اڳتي وڌڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، هن چيو ته ??ڪو??ت ٽيڪسٽائيل جي صنعت کي بحال ڪيو آهي جنهن سان 9 سئو ارب روپيا جڏهن ته زرعي صنعت سان لاڳاپيل ماڻهن کي 11 سئو ارب جو اضافي فائدو ٿيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جو آءِ ٽي جو شعبو اهم ڪردار ادا ڪري ره??و آهي، گ??ري?? سال فيس بڪ (ميٽا) 5 هزار عورتن کي تربيت ڏني ۽ هو ان جي نتيجي ۾ پنهنجو ڪاروبار ڪاميابي سان هلائي ره??ون آهن، هن سال هڪ لک عورتن کي تربيت يافته بڻائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، صدر چيو ته دنيا ۾ بي انتها ترقي ٿي ره?? آهي، نوان آئيڊياز پراڻي آئيڊياز کان اڳتي نڪري ره??ا آهن جنهن جي نتيجي ۾ موقعا وڌي ره??ا آهن، پاڪستان جيڪڏهن انهن موقعن کي جلد سڃاڻيندو ته ان سان ملڪ کي فائدو حاصل ٿيندو، هن چيو ته ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ اڳتي وڌڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. ملڪ کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عورتن کي تعليم ۽ صحت جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ گهرجي، هن چيو ته سپلائي چين لاجسٽڪس جي شعبي ۾ دنيا ۾تيزي سان ترقي ٿي ره?? آهي، ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي سان سپلائي چين ۾ جدت آڻي سگهجي ٿي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان کي دنيا ۾ ٿيندڙ ترقي کان پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻو آهي، ڪانفرنس کي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين خطاب ڪندي چيو ته ??ڪو??ت ملڪ کي اقتصادي طور تي مضبوط بڻائڻ لاءِ اداره جاتي سڌارن کي متعارف ڪرايو آهي جنهن جو مقصد ادارن ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي فروغ ڏيڻ آهي، ??ڪو??ت سان نجي شعبي جو سهڪار ملڪ جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته پي آءِ اي، ريلوي ۽ ٻين ادارن کي فعال بڻائڻو پوندو.