اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر ماسڪو ۾ پنهنجي ??صولي موقف کي دنيا آڏو پيش ڪري ڇڏيو ته طاقت جو استعمال ڪنهن به تڪرار جو حل نه آهي، روس ۽ يوڪرين کي ڳالهين سان مسئلو حل ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم عمران خان جي ??وس جي ??وري تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ م??لڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جو روس جو دورو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان ع??ائ??ائي امن ۽ سلامتي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ تڪرارن بدران پائيدار امن جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پنهنجي قومي مفادن کي مٿانهون رکندي سف??رت?? سطح تي اسان کي پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد پڻ ملي آهي. م??لڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ??وري جي ٽائيمنگ تي سوال اٿاريندڙن کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ??ه وزيراعظم وڏي مئچ جو وڏو رانديگر آهي، ڪشمير مسئلي کان وٺي افغانستان ۽ توانائي جي ??عبي ۾ تعاون، ٻطرفن لاڳاپن، اسلامو فوبيا تي ڳالهه ٻولهه ٿي، عمران خان انشاءَ الله نه ڪڏهن جهڪندو، نه پاڪستانين کي جهڪڻ ڏيندو.