اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف جي جعلي ميڊيڪل رپورٽ پاڪستان جي قانوني نظام جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي، شريف فيملي جعلي ميڊيڪل رپورٽس موڪلڻ جو سلسلو بند ڪري، نواز شريف وٽ آسان رستو اهو ئي آهي ته هو پاڪستان جي مانهن کي پئسا واپس ڪري. اها ڳالهه هن نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي چئي. ??طل??عات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شريف جي حوالي سان هڪ دلچسپ ميڊيڪل رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي ان رپورٽ ۾ واشنگٽن ۾ رهندڙ ڊاڪٽر شال لنڊن ۾ رهندڙ نواز شريف جي باري ۾ لکيو آهي ته هو دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ ڪووڊ 19 جي ڪري نواز شريف جي حالت اهڙي نه آهي ته هو پاڪستا?? جو سفر ڪري سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شريف پاران آمريڪا ۾ ويهي پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر ک??ن ميڊيڪل رپورٽون تيار ڪرائي پاڪست??ن موڪلڻ پاڪستان جي عدالتي نظام ۽ قانون?? جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي. هن چيو ته نواز شريف وٽ آسان رستو اهو ئي آهي ته هو پاڪستان جي عوام جو پئسو واپس ڪري، ان کانپوءِ هو لنڊن ۾ رهي، جعلي رپورٽون موڪلڻ سان ا?? جو مقصد پورو نه ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته رپورٽ ۾ صرف اها ئي کوٽ آهي ته نواز شريف کي هائيڊپارڪ کانسواءِ ڪنهن ٻي جاءِ تي واڪ ڪرڻ جي به اجازت نه آهي، ان سان ان جي اسٽريس ۾ اضاف?? ٿيندو، هن چيو ته شريف فيملي جعلي رپورٽس تيار ڪرائي پاڪست??ن موڪلڻ کان پاسو ڪري، شريف فيملي قانوني رستو اختيار ڪري ۽ پاڪستان جي ماڻه?? جو پئسو واپس ڪري. هن چيو ته ا??يد ڪريون ٿا ته عدليه اهڙين جعلي رپورٽس جو سختي سان نوٽيس وٺندي ۽ وقار بحال ڪندي.