اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته ميڊيا انڊسٽري ۾ رونما ٿيندڙ تبديليون ان ڳالهه جون گهرجائو آهن ته اطلاعات واري وزا??ت جا آفيسر جديد دور جي ميڊيا چئلينجن مان سرخرو ٿيڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪن. اها ڳالهه هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ 32 هين مڊڪيريئر مينيجمينٽ ڪو??س ڊومين اسپيسيفڪ تربيتي پروگرام جي سندون ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئ??. ت??ريب ۾ اطلاعات واري وزا??ت جي مختلف ادارن جي سربراهن ۽ زير تربيت آفيسرن کانسواءِ ميڊيا ماهرن ۽ اسلام آباد جي مختلف يونيورسٽين جي پروفيسر صاحبان شرڪت ڪئي. اطلاعات واري سيڪريٽري چيو ته پاڪستان ۾ ميڊيا انڊسٽري تيزي سان وڌي ويجهي رهي آهي، خاص طور تي سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا عام ماڻهن تائين اطلاعن جي پهچ کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته اطلاعات واري وزا??ت جا آفيسر محنت سان ڪم ڪندا پيا اچن تنهن هوندي به ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته وزا??ت جا آفيسر سمورا ضروري تربيتي ڪو??سز ۾ خوشي سان شريڪ ٿين ڇو ته اهي ئي ڪو??س انهن جي صلاحيتن ۾ نکار پيدا ڪندا آهن. تقريب کي خطاب ڪندي انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته هڪ مهيني جي ان تربيتي پروگرام ۾ آفيسرن کي ميڊيا قانونن ۽ انتظامي معاملن ۾ دسترس سان گڏوگڏ ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيا جي سمورن ضروري معاملن بابت آگاهي ڏني وئي آهي جنهن جي لاءِ ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. ڊائريڪٽر انفارميشن سروس اڪيڊمي غزاله امبرين تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي ڪو??س جي انعقاد جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني، تقريب جي آخر ۾ ڪو??س ۾ شريڪ ٿيندڙ آفيسرن ۾ سندون ۽ شيلڊ ورهايون ويون.