اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته فنانس ترميمي ايڪٽ ۾ غير ??لڪي ڊرامن ۽ اشتهارن جي لاءِ غير ??لڪي ماڊلز وٺڻ تي ٽيڪسن ۾ اضافي جو مقصد پاڪستان جي فلمي صنعت ۽ فنڪارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فنانس ترميمي ايڪٽ ۾ جتي سينيما ۽ فلم پروڊڪشن جي مشينري تي ٽيڪس نه آهي اتي غير ??لڪي ڊراما درآمد ڪ??ڻ ۽ اشتهارن ۾ غير ??لڪي ماڊلز وٺڻ تي وڏو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. انهن قدمن جو بنيادي مقصد پاڪستان جي فلمي صنعت ۽ فنڪارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي.