اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سيالڪوٽ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، جنهن جو ڪو به اخلاقي، انساني جواز نه آهي، اسان جي آئين ۽ قانون موجب اقليتن کي تحفظ حاصل آهي، دين به اقيلتن جي تحفظ جو درس ڏي ٿو. افغانستان ۾ حالتون خراب ٿيون ته ان جا اثر پري تائين ويندا. اوورسيز پا??ستاني اسان جو اثاثو آهن. برسلز ۾ بيلجيم جي دوري جي حوالي سان ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته بيلجيم جي ڪنهن پرڏيهي وزير سان گڏ 10 سالن جي وقفي کانپوءِ ٻطرفي ملاقات ٿي. اسان ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري، سائنسي، تعليمي ۽ زريعي شعبي ۾ تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، نيٽو هيڊڪوارٽرز ۾ جنرل سيڪريٽري جينز اسٽولٽن برگ سان ملاقات ٿي، اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هڪٻئي س??ن تعاون ڪيو آهي ۽ اسان جي خواهش آهي ته اهو تعاون آئنده به جاري رهي، مون ڏکڻ ايشيا ۾ امن کي درپيش خطرن کان ان کي آگاهه ڪيو. مون کيس ٻڌايو ته افغانستان جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ سڀني جي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته ايندڙ سال پا??ستان ۽ يورپي يونين جا 60 سال مڪمل ٿيڻ تي اسان اسلام آباد ۾ ڪانفرنس جو انعقاد ڪنداسين، پرڏيهي وزير چيو ته آئون انهن جي سامهون اهي ٺوس قدم رکندس جيڪي پا??ستان دهشتگردي، مني لانڊرنگ جي خلاف کنيا، هن چيو ته سيالڪوٽ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي جنهن جو ڪو به اخلاقي، انساني جواز نه آهي، ان واقعي تي پا??ستان کي شرمندگي کڻڻي پئي. هن وقت تائين 132 گرفتاريون ٿي چڪيون آهن، 26 جوابدار جن تي شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي انهن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. اسان جي آئين ۽ قانون موجب اقليتن کي تحفظ حاصل آهي. دين به اقليتن جي تحفظ جو درس ڏئي ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته جتي هندستان ۾ اقليتن جو رهڻ مشڪل ٿي ويو آهي اتي پا??ستان هندستان سميت سڄي دنيا ۾ سکن جي لاءِ ڪرتار پور لنگهه کي کوليو، پا??ستان ۾ ديوالي ۽ ڪرسمس جي تهوارن کي پوري مذهبي آزادي سان ملهايو ويندو آهي، جتي اقليتن جو تحفظ حڪومت جي ذميداري بڻجندي آهي ته اتي ميڊيا جي به تمام اهم ذميداري آهي، هن چيو ته ملڪ عدنان به ان هجوم ۾ ??وج??د هو جنهن جي ڪردار کي وزيراعظم عمران خان ساراهيو ۽ ان جي لاءِ تمغا شجاعت جو اعلان ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هن وقت اسان جو مقصد افغانستان جي اڀرندڙ اقتصادي ۽ انساني بحران کان بچڻ آهي. اهو ئي پيغام مون اڄ ڏنو آهي ته جيڪڏهن افغانستان ۾ حالتون خراب ٿيون ته ان جا اثر پري تائين ويندا، هن چيو ته اوورسيز پا??ستاني اسان جو اثاثو آهن، هنن ٻاهر رهي ڪري محنت سان پنهنجي عزت ٺاهي آهي ۽ انهن 30 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو پا??ستان موڪليو، هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته اشرف غني کانپوءِ جڏهن افغانستان ۾ طالبانن جي عبوري حڪومت قائم ٿي ته هندستان اسان کي ذميوار بڻائڻ لاءِ ”سينڪشن پا??ستان“ مهم هلائي پر انهن کي ناڪامي ٿي، مون کي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه جوزف بوريل ٻڌايو ته يورپي يونين امدادي سام??ن تي ٻڌل 7 جهاز افغانستان موڪليا، 38 ملين افغانين جي معاشي مدد ڪرڻي پوندي ۽ اڄ دنيا مصروف ٿي چڪي آهي ۽ افغانستان جي 6 ويجهي پا??يسري ملڪن جو پليٽ فارم قائم ٿي چڪو آهي، اسان کي باور ڪرائي رهيا آهيون ته پا??ستان اڪيلو اهو بار نٿو کڻي سگهي، تنهن ڪري اسان گڏجي ان چئلينج کي منهن ڏئي سگهون ٿا، پا??ستان پهريون ئي تقريبن 40 لک افغان پناهگيرن جو بار کڻي رهيو آهي.