اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٽرانسپرينسي جو سروي هجي يا ڪا ٻي سروي، ڊگهي عرص?? کانپوءِ سياسي حڪومت جي باري ۾ اهو اعتماد ظاهر ٿيو آهي ته اها ڪرپٽ عنصرن تي ٻڌل نه آهي، عوام کي وزيراعظم جي ذات تي اهو اعتماد آهي ته هو ذاتي مفادن لاءِ ڪو ڪم نه ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 89 سيڪڙو ماڻهو ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان ڪي?? حڪومتي قدمن جي تائيد ڪن ٿا، اها وڏي ڪاميابي آهي.