اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي راندين جي پروگرام ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو جو افتتاح اڄ سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ ڪندو. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪامياب جوان پروگرام ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي حصيداري سان نوجوانن کي غيرنصابي ۽ راندين جي سرگرمين ۾ مصروف رکڻ جي لاءِ چار ارب رپين جا 4 نوان منصوبا شروع ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو جهڙو ميگا پراجيڪٽ پڻ شامل آهي. پاڪستان جي مقامي ٽيلنٽ کي عالمي سطح تي موقعا فراهم ڪرڻ ۽ ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ منصوبي جي پهرين فيز ۾ 12 رانديون بشمول هاڪي، ڪرڪيٽ، فٽ بال، هينڊ بال، ريسلنگ، ويٽ لفٽنگ، اسڪ??اش?? والي بال، اسڪي، جوڊو، باڪسنگ ۽ ايٿليٽڪس شامل آهن. مهم ۾ سڄي ملڪ ۾ 11 کان 25 سالن ج?? نوجوانن بشمول عورتن جي لاءِ راندين جا موقعا منعقد ڪيا ويندا. راندين جا اهي مقابلا ملڪ جي سمورن صوبن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي 25 علائقن ۾ منعقد ڪيا ويندا ۽ ه?? ڪروڙ نوجوانن کي سليڪشن جي عمل مان گذاريو ويندو. راندين ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ نوجوانن کي عالمي معيار جي پيشيواراڻي تربيت ڏني ويندي.