اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي نون چونڊيل عه??يدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سي پي اين اي جي صدر ڪاظم خان، سينئر نائب صدر اياز خان، سيڪريٽري جنرل عامر محمود ۽ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل يوسف عارف نظامي کي نين ذميدارين تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سي پي اين اي ملڪ ۾ شاندار صح??فتي روايتن جي امين آهي، ملڪ ۾ ج??هوريت جي فروغ، صح??فتي قدرن جي پاسداري ۽ عوام کي باشعور بڻائڻ ۾ سي پي اين اي جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي جمهوري ۽ بنيادي حق تي ڪامل يقين رکي ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته ملڪ ۾ آزادي صح??فت جي فروغ ۽ فعال ميڊيا جي ترقي لاءِ هر ممڪن حمايت جاري رکندا، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل عه??يدار صح??فت جي شعبي جي بهتري ۽ ميڊيا صنعت جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ صح??فتي برادري جي اميدن تي پورو لهندا.