مل??ان – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سمورن ادارن سان مثالي لاڳاپا آهن، حڪومت کان ٻاهر ويٺل ماڻهن جي لاءِ رڳو صبر جي دعا ڪري سگهان ٿا، حڪومت ختم ٿيڻ ??ي اپوزيشن جي خواهش پوري نه ٿي سگهندي، لولي لنگڙي اپوزيشن کان حڪومت کي ڪو خطرو نه آهي، آئيني مدو پورو ڪنداسين، اڳيون وارو وري اسان جو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي چونڊ تڪ اين اي 156 ۾ مختلف جاين تي تقريبن کي خطاب ڪندي ڪيو. شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته ڪورونا جي عالمي وبا پوري دنيا جي معيشت کي متاثر ڪيو آهي ۽ انهي جي ڪري عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون وڌڻ سان اسان ??ي به پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻو پيو پر پوءِ به حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته عوام تي گهٽ کان ??هٽ بار وڌو وڃي. مهانگائي موجوده حڪومت جي لاءِ وڏو چئلينج آهي، مهانگائي جا سبب ان جا ا??دروني ۽ ٻاهريان عمل ۽ انهن کي منهن ڏيڻ ??ي لاءِ حڪمت عملي طئي ڪئي پئي وڃي ۽ اسان جي اقتصادي ٽيم ان تي هوم ورڪ ڪري رهي آهي جنهن جا ا??شاءَ الله مثبت نتيجا سامهون ايندا. معاشري جي محروم طبقي کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ ??ي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن. جنهن جا مثبت نتيجا سامهون ايندا. هن چيو ته خطي ۾ ۽ خاص طور تي افغانس??ان ۾ امن جي خوا??ش رکون ٿا. پاڪس??ان هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستانجا جو خواهشمند آهي. امن جو قيام خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي آهي. خطي ۾ امن قائم ٿيڻ ??ان تعمير ۽ ترقي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهندي، اسان خطي ۾ امن جي لاءِ وڏي قرباني ڏني آهي. اسان جي خواهش آهي ته افغانس??ان ۾ معاشي صورتحال نه بگڙي. ڪجهه قوتون افغانس??ان جون حالتون خراب ڪرڻ چاهين ٿيون. اسان ??اهيون ٿا ته اهي امن مخالف قوتون جيڪي افغانس??ان جي خراب صورتحال مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا ا??هن کي موقعو نه ملي سگهي. اسان عالمي برادري کي به اهڙين قوتن بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. پاڪس??ان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي مصالحتي ڪوششون جاري رکندو.