اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان خصوصي اقتصادي زونز ۾ زمين جي فراهمي، بجلي ۽ گئس جي ڪنيڪشن جي دستيابي ۽ ٽيڪس مراعتون ڏيڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدمن کي يقيني بڻ??ئڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزير??عظ?? عمران خان جي صدارت ۾ خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪارن جي سهولت جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وزير??عظ?? اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ صنعتي ترقي کي تيز ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌندءُڙ آبادي جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزير??عظ?? لاڳاپيل عملدارن کي خصوصي اقتصادي زونز ۾ زمين جي فراهمي، بجلي ۽ گئس ڪنيڪشن جي دستيابي ۽ ٽيڪس مراعتون ڏيڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن وڌ کان وڌ چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ اقتصادي زونز کي جلد فعال ڪري سگهجي. وزير??عظ?? کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪل 27 خصوصي اقتصادي زونز آهن جن مان 5 زونز جن ۾ سنڌ ۾ ڌاٻيجي، خيب??پخ??ونخواهه ۾ رشڪئي، بلوچستان ۾ بوستان، پنجاب ۾ علامه اقبال انڊسٽريل سٽي ۽ بلوچستان ۾ گوادر شامل آهن، تي ڪم تيزي سان جاري آهي. وڌيڪ اهو ته ممڪن چيني سيڙپڪارن جي سمورن مسئلن کي هڪ ڇت هيٺ حل ڪرڻ جي لاءِ انهن مان هر هڪ زون ۾ هڪ موثر ون ونڊو آپريشن سهولت ۽ سي پيڪ اٿارٽي ۾ هڪ سهولت مرڪز قائم ڪيو پيو وڃي.