اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته حڪومت کي مهانگائي کان ع??م ماڻهو جي متاثر هجڻ جو پتو آه??، معاشري جي ڪمزور طبقن جي مدد لاءِ حڪو??ت ٽارگيٽڊ سبسڊيز ڏئي رهي آه??.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ احساس پروگرام تحت معاشري جي ڪمزور طبقن لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊيز جي فراهمي جي حوالي سان منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي احساس پروگرام تحت غربت جو شڪار خاندانن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊيز فراهم ڪرڻ جي باري ۾ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت ??ي ع??م ماڻهو کي مهگائي سبب درپيش مشڪلاتن جو احساس آه?? ان لاءِ معاشري جي ڪمزور طبقن کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز فراهم ڪئي ويندي،
وزيراعظم چيو ته ڪامياب پاڪستان، صحت سهولت ڪارڊز، احساس پروگر??م موجوده حڪومت جا نمايان منصوبا آه?? جنهن جو مقصد معاشري جي ڪمزور طبقن جي مدد ڪرڻ آه??، وزيراعظم هدايت ڪئي ته ع??م ماڻهو کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز حاصل ڪرڻ جي باري ۾ طريقڪار کان آگاهه ڪرڻ لاءِ جامع آگاهي پروگرام شروع ڪ??و وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته احساس پروگرام نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي سهڪار سان هڪ موبائيل ايپ تيارڪ ئي آه?? جنهن جي ذريعي سڄي ملڪ ۾ احساس پروگرام تحت مستحقين کي ضروري شين ۽ سستي اگهه تي فراهم ڪيون وڃن، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته احساس پروگرام تحت ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ طريقيڪار واضح ڪيو ويو آه??،
اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جو خاص مددگار شهباز گل کانسواءِ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، نيشنل بنئڪ جو صدر ۽ سينئر عملدار موجود هئا.