لاهور – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ صرف وسيلن سان نه ذهني سوچ سان بدلجندو آهي، پاڪستان بدلجي رهيو آهي، اسان کي ان جي ترقي ۾ پنهنجو هر ممڪن ڪرد??ر ادا ڪرڻ گهرجي، سول سرونٽس ادارن جي مضبوطي لاءِ پنهنجو ڪرد??ر ادا ڪن، بهترين اخلاق سان عوامي خدمت کي پنهنجو نصب العين بڻائين، پاليسي سازي دوران ديانتداري جي عنصر کي مضبوطي سان سنڀالي رکو ته پاڪستان کي ترقي کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، بيورو ??ري??ي ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي ۾ بنيادي ڪرد??ر ادا ڪري سگهي ٿي. هو نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ 114 هين نيشنل مينيجمينٽ ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو. ان موقعي تي ريڪٽر ڊائريڪٽر اعجاز منير ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا. صدر چيو ته بهترين علم اهو هوندو آهي جيڪو اهو سيکاري ته هاڻي به گهڻو ڪجهه ۽ سکڻ باقي آهي ۽ اسان کي ان شيءَ تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته علم ۽ رويو ڇا سيکاري ٿو ۽ ڇا نٿو سيکاري، علم سيکاريو ويندو آهي جڏهن ته رويو انسان ماحول ۽ ننڍپڻ کان ئي سکندو آهي، مشاهدي ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته انسانن جو رويو مختلف موقعن تي مختلف ماڻهن سان ڌار ڌار هوندو آهي، هن چيو ته اسان جو رويو سدائين پاڻ کان مٿي واري سان درست ۽ هيٺئين سان ڪجهه ٻيو هوندو آهي جنهن جو اسان کي احساس ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سان اسان کي مذهب ۽ نبي ﷺ جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته اسلامي تاريخ روايتن سان ڀري پئي آهي جنهن مان اسان کي سبق ملي ٿو ته انسان جو انسان سان رويو ڪهڙو هجڻ گهرجي. صدر چيو ته جن ملڪن پنهنجا ادارا مضبوط ڪيا اهي ڪامياب ٿي ويا ۽ انهن ترقي ڪئي، هن چيو ته فيصلا سازي ۾ بيورو ??ري??ي جو هٿ هوندو آهي جيڪڏهن ڪنهن فيصلا سازي ۾ اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪيو وڃي ته ان فيصلي جي رد ٿيڻ جا امڪان ناهن رهندا. هن چيو ته بيورو ??ري??ي کي گهرجي ته عوامي مسئلن جي نشاندهي ڪري ان جي حل جي ڪوسش ڪري ۽ ماضي جي ناڪامين کي به نظر ۾ رکيو وڃي، صدر عارف علوي چيو ته سول سرونٽس عوامي خدمت دوران اخلاقيات ۽ همدردي جو دامن نه ڇڏين، هن چيو ته بيورو ??ري??ي ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي ۾ بنيادي ڪرد??ر ادا ڪري سگهي ٿي جيڪا ملڪ کي اڏوهي وانگر کائي رهي آهي، هن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ق??م کڻي رهي آهي پر اڏهي کي ختم ڪرڻ آسان ڪم نه آهي، هن چيو ته جيڪي شيون اسان 2018ع ۾ شروع ڪيون انهن کي گهڻو اڳ شروع ٿيڻ گهربو هو، هن ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته انهن سان عوام کي، ملڪ ۽ قوم جي مستقبل کي ان حوالي سان ڪيتريون ئي اميدون لاڳاپيل آهن، توهان پاليسي سازي دوران انڪساري سان بهترين روين کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪرڻو آهي ۽ تقاضا به اها آهي ته سول سرونٽس ديانتداري سان پنهنجي اصولن کي نظر ۾ رکندي اهڙيون پاليسيون جوڙي جنهن سان ان تي عوام جي اعتماد ۾ اضافو ٿئي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بيورو ??ري??ي ۾ وڌ کان وڌڪ عورتون ??ه شامل ٿين ته جيئن اهي به عوامي خدمت ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن ۽ هڪ توازن قائم ٿئي، ڊاڪٽر عارف علوي سول سرونٽس کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اڀرندڙ اڳواڻ آهي، توهان ادارن جي مضبوطي لاءِ پنهنجو ڪرد??ر ادا ڪريو ۽ بهترين اخلاق سان عوامي خدمت کي پنهنجو نصب العين بڻايو ۽ پاليسي سازي دوران ديانتداري جي عنصر کي مضبوطي سان جهلي رکو ته پاڪستان کي ترقي کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، ان کان اڳ نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي جي ريڪٽر ڊاڪٽر اعجاز منير آجياڻي وارو خطبو پيش ڪيو، صدر عارف علوي ڪورس جي 62 شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا ۽ کين ڪورس جي ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.