اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??اڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي چانور جي برآمدات کي وڌائڻ جي لاءِ ڊگهي مدي واري فنانسنگ (ايل ٽي ايف) ايڪسپورٽ ري فنانسنگ اسڪيم تي مو??ر عملدرآمد جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻن، حڪومت معاشي استحڪام جي لاءِ برآمد ڪندڙن جي حوصلا افزائي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. وزيراعظم عمران خان ??يشنل ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪئي ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ مارڪيٽ شيئر حاصل ڪرڻ جي لاءِ چانور برآمد ڪندڙن جي حوصلا افزائي ڪ??ي وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، چانور برآمد ڪندڙن ۽ لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته چانور جي شعبي جي برآمدات ۾ بهتري جا ??سي?? امڪان ??وجود آهن. اه?? زمين جي ليزر ليونگ ۽ چانور جي پوکيءَ ۽ واڍيءَ جي ميڪاني طريقن کي اختيار ڪندي في ايڪڙ فصل جي پيداوار وڌائي پنهنجي برآمدي هدف کي موجوده 2 بلين آمريڪي ڊالر مان ??ڌائي 5 بلين ڊالر تائين وٺي وڃي سگهي ٿو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته آرگينڪ ۽ برائون رائس جي پيداوار تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ۽ ماڻهن کي انهن جي استعمال جي ترغيب ڏني وڃي ته جيئن ملڪ ۾ شگر جي مرض جي وڌندڙ رجحان تي ضابطو آڻي سگهجي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي چانور جي برآمدات کي وڌائڻ جي لاءِ ڊگهي مدي واري فنانسنگ (ايل ٽي ايف) ۽ ايڪسپورٽ ري فنانسنگ اسڪيم تي مو??ر عملدرآمد جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻن.