فيصل آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته عمران خان حقيقي معنيٰ ۾ قائداعظم جي پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، پاڪستان جو دفاع ۽ حڪومت مضبوط هٿن ۾ آهي، ڪير به ميري اک سان پاڪستان ڏانهن نٿو ڏسي سگهي، پاڪستان جي ترقي، خوشحالي، قومي جهنڊي جي سربلندي لاءِ هر وقت پ??هن??و ڪردار ادا ڪرڻو آهي، اڄ اسان کي والاريل ڪشمير جي مظلوم ڪشميرين کي به ناهي وسارڻو، مودي 80 لک ڪشميرين کي قيد ڪري رکيو آهي، سموري حريت قيادت گرفتار آهي. هو ڪمشنر آفيس فيصل آباد ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳاله??ئي رهيو هو. آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪنن، ڪمشنر، فيصل آباد جي ڊي سي، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ علائقي جي چڱن مڙسن جو وڏو تعداد تقريب ۾ شريڪ هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته جشن آزادي جو موقعو محرم ال??را?? ۾ آهي، ان جو احترام به آهي، هن چيو ته علامه اقبال جيڪو خواب ڏٺو ان جي تعبير قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ اسان جي بزرگن جي لازوال جدوجهد ۽ قربانين جو نتيجو آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان جي آزادي جي شهيدن کي سلام پيش ڪريون ??ا، پاڪستان جي حفاظت لاءِ جانين جو نذرانو ڏيڻ ۽ انهن مائرن کي به خراج عقيدت پيش ڪريون ??ا جن جي ٻارن پ??هن??ي رت سان پاڪستان جي اندر امن جا ڏيئا روشن ڪيا آهن، هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج کي به خراج تحسين پيش ڪريون ??ا، سياچن کان وٺي ڪشمير، افغانستان کان وٺي چولستان جي سخت اُس ۾ پاڪستان جي دفاع کي فتح ??ه ٿيڻ جوڳو بڻائيندڙن کي به سلام پيش ڪريون ??ا. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي ايٽمي طاقت آهي، الله تعاليٰ پاڪستان کي بي شمار نعمتن سان نوازيو آهي، دنيا جون بلند ترين جابلو چوٽيون ??اڪستان ۾ موجود آهن، ساڍا ڇهه سئو ڪلوميٽر تائين ساحلي علائقو، ٻنيون ??ارا به آهن، اسان جي مشهور رانديگرن دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، هن چيو ته 90 لک پاڪستاني دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پ??هن??ي رت ۽ پگهر جي ڪم??ئي مٽاسٽا ناڻي جي ذريعي پاڪستان موڪلي رهيا آهن، اهي پاڪستان لاءِ سوچيندا آهن، هن چيو ته جيڪو اصول قائداعظم محمد علي جناح ايمان، اتحاد تنظيم جو رکيو هو انهي کي اڳتي وٺي هلڻو آهي. اسان کي حقيقي معنيٰ ۾ پاڪستان کي قائد جو پاڪستان بڻائڻو آهي. ڪا به طاقت پاڪستان ڏانهن ميري اک سان نٿي ڏسي سگهي، پاڪستان جي ترقي، خوشحالي، قومي جهنڊي جي سربلندي لاءِ هر وقت پ??هن??و ڪردا ادا ڪرڻو آهي، هن چيو ته اڄ اسان کي والاريل ڪشمير جي مظلوم ڪشميرين کي به ناهي وسارڻو، مودي 80 لک ڪشميرين کي قيد ڪري رکيو آهي، سموري حريت قيادت گرفتار آهي، هن چيو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن ڪشمير جا جوان، بزرگ، مائرون ۽ ڀينرون به آزادي جو ساهه کڻي سگهنديون، پاڪستان ڪشميرين جي پرامن جدوجهد جي حمايت جاري رکندو.