اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پي ٽي وي، ريڊيو ۽ اي پي پي کي موجُوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي، نئين ٽيڪنالاجي ۽ نوان پروگرام آڻي رهيا آهيون، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ??ير?? ڊجيٽل ايڊورٽائز??گ پاليسي تيار ڪئي ??ئي ??ڃي، ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن جي عمل سان چئنلز جي ريٽنگ ۾ شفافيت ايندي، اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ طرف وڃي رهيا آهيون، پاڪستان ميڊيا چئنلز کي عالم?? سياست ۽ مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس جي صدر ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني چئنلز عالم?? سياست ۽ مسئلن تي ڌيان نه ڏئي رهيا آهن، ملڪي نيوز چئنلز تي صرف ملڪ?? سياست تي ئي ڳالهه ٿيندي آهي، هن چيو ته ڀارتي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪئي ??ر پاڪستاني ٽي وي چئنلز تي ان بابت ڪا به ڳالهه ناهي ٿي، هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته اي پي پي کي ڊجيٽل نيوز ايجنسي بڻائي رهيا آهيون، ان جو فائدو پاڪستاني ميڊيا کي به ٿيندو، وزارت جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ کي اي پي پي ۾ ضم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته موجوده حڪومت اي پي پي کي رائٽرز ۽ ايجنس فرانس پريس (اي ايف پي) جي برابر آڻڻ لاءِ پرعزم آهيون.