اسلام آ??اد – 09 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسان هڪ ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسينيشن لڳائڻ جو هدف مڪمل ڪري ورتو آهي، پاڪستان ڪورونا جي خلاف جهڙي طرح جنگ وڙهي سڄي دنيا ان جو اعتراف ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراع??م جهڙي طرح ان ذهني ويڙهاند ۾ قوم کي هڪ لمحو به مايوس ٿيڻ نه ڏنو ۽ اين سي او سي وزيراع??م جي پاليسي کي لاڳو ڪيو ان جي جيتري واکاڻ ڪئي وڃي ا??ا گهٽ آهي.