اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي فل??طيني عوام تي اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذ??ت ڪندي هڪ متفقه قرارداد جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، او آءِ سي ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته فل??طين تي اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪرائڻ جي لاءِ فوري طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪن، فل??طينين جي نسل ڪشي، انهن جي پنهنجي علائقن مان جبري بيدخلي ۽ فل??طين جي آباد?? جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي عمل کي فوري طور تي روڪيو وڃي، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل اسرائيلي حڪومت پاران فل??طيني عوام جي خلاف نسل ڪش?? جي ڏوهه جي جاچ جي لاءِ آزاداڻو انڪوائري ٽربيونل قائم ڪري. قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي فل??طين تي اسرائيلي جارحيت جي خلاف مذمتي قرارداد پيش ڪندي چيو ته هي ايوان اسرائيل پاران فل??طين جي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ معصوم فل??طيني عوام تي منظم ظلم ۽ ڏاڍ جي سخت لفظن ۾ مذ??ت ڪري ٿو.