وانا – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چورن جو ٽولو جيترو مرضي بليڪ ميل ڪري کين اين آر او نه ملندو، ملڪ تي جيڪڏهن چورن ۽ ڦورئن جي حڪمراني هجي ته اهو ترقي نٿو ڪري سگهي، ڏکڻ وزيرستان ۾ پنج هزار ڪينال تي نالج سٽي ۽ سمورن رهواسين کي هيلٿ ا??شورنس جي سهولت ڏئي رهيا آهيون، ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽرز جي زمين جي نشاندهي چڱن مڙسن جي مشاورت سان ڪئي ويندي، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي خصوصي هدايت ڪئي آهي ته اڳوڻي قبائلي عل??ئق?? جي ف??ڊز ۾ ڪابه ڪٽوتي نه ڪري، اڳوڻي فاٽا، ڏکڻ بلوچستان سميت پوئتي پيل عل??ئق?? جي ترقي اسان جي ترجيح آهي. ڏکڻ وزيرستان جي عل??ئق?? مولاخان سراءِ ۾ چڱن مڙسن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مديني جي رياست جو بنياد ??انون جي بالادستي ۽ انصاف جو نظام هو، اڄ به مديني جي رياست جا اصول رول ماڊل آهن، هن چيو ته ڇا مديني جي رياست هڪدم وجود ۾ اچي وئي هئي، مديني جي رياست ۾ غريب طبقي کي مٿي آندو ويو ۽ فلاحي رياست جو بنياد ??ڌو ويو هو، اڄ به جديد دنيا جا اصول مديني جي رياست جي ماڊل تي قائم آهن، اسان به ملڪ ۾ اسلامي ف??احي رياست جي قيام لاءِ ڪوشان آهيون،