اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ??ورونا جي پهرين لهر ۾ وز??راعظم جي وقت سر ۽ دانشمنداڻي قدمن پاڪستان کي وڏي جاني نقصان کان بچائي ورتو، ڪورونا جي ٻي شديد ترين لهر ۾ مخالف ڌر جون ??يا??ي سرگرميون ڪورونا ڦهلاءُ جو سبب بڻجي رهيون آهن، پاڪستان جي سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي کي دنيا ساراهي رهي آهي. هو ايس ڊي پي آءِ جي اهتمام هيٺ 23 هين پائيدار ترقي ڪانفرنس بعنوان ”ڪوويڊ 19 ۾ پائيدار ترقي“ ۾ وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪري رهيو هو.