اسلام آباد – 29 مئي (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده انصاف جي ??ظام ۾ موجود جهول کي ختم ڪرڻ ۽ عوام جي آسان، سستي ۽ فوري انصاف تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??نشور جو بنيادي نقطو آهي، قانون واري وزير، پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ۽ اٽارني جنرل تي مشتمل جوڙيل ڪميٽي عوام جي اميدن موجب قانوني سڌارن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي ??اءِ روڊ ميپ جوڙيندي جنهن جي روشني ۾ ايندڙ هفتي وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عوام کي انصاف جي آسان ۽ فوري فراهمي جي ??اءِ ڪيل قانوني سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قانون واري وزير بئريسٽر فروغ نسيم، پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي، وزيراعظم جي ??ارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر ظهير الدين بابر اعواڻ، اٽارني جنرل خالد جاويد خان، قانون واري پارلياماني سيڪريٽري ملائيڪا علي بخاري ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.