اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي مذهبي معاملن واري مرڪزي سيڪريٽري پير سيد حبيب عرفاني ۽ عالم سڳورن ??لا??ات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ??لا??ات ڪندڙ عالم سڳورن ۾ پير سيد اسرارالحق نظامي، پير توصيف الاهي مجددي، علامه عظمت حسين شاهه ۽ علام?? محمد اصغر شامل هئا. ??لا??ات ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڏس ۾ موجوده حالتن ۾ عالم سڳورن جو ڪردار خاص طور تي عوام ۾ حفاظتي تدبيرن جي فروغ ۾ عالم سڳورن جي ڪردار جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ مسجدن، درگاهن ۽ خانقاهن جي معاملن جي بهتر انتظام جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪ??ي وئي.