اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت په??ين ڏينهن کان ئي فيصلو ڪيو هو ته پاڪستان کي صنعتي قوت بڻائينداسين، ان مقصد جي لاءِ هو پاڻ ۽ سندس معاشي ٽيم هر ممڪن مدد فراهم ڪندا. وزيراعظم ايف بي آر چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو ٽيڪس جي حوالي سان وفد جي تجويز تي هر سومر ڏينهن کلي ڪچهري منعقد ڪري ۽ صنعتڪارن جا مسئلا پاڻ ٻڌي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ مان چونڊيل چيمبر آف ڪامرس اين?? انڊسٽري جي صدرن ۽ نمائنده وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظ?? سان ملاقات ڪئي.